سعد بن عباده رضه

سعد بن عباده رضه: حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جو ڀروسي وارو اصحابي حضرت سعد بن عبادهرضه هڪ وچٿري طبيعت جو مالڪ هو. جاهليت واري زماني ۾ به عربن ۾ لکيو پڙهيو شخص ڳڻيو ويندو هو. پاڻ بهترين تارُو (تري ڄاڻندڙ) ۽ مشهور تير انداز هو. بدر جي جنگ ۾ شريڪ نه ٿي سگهيو هو، ليڪن احد جي جنگ ۾ شريڪ ٿيو ۽ حضرت سعد بن معاذ رضه سان گڏجي سچي سردار صلي الله عليه وسلم جي خدمت ۽ دوا دارون ڪيائين، ڇاڪاڻ ته ان جنگ ۾ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن جو ڏند مبارڪ شهيد ٿيو هو ۽ کين زخم به رسيا. ان کانسواءِ حضرت سعد بن عبادهرضه ٻين جنگين ۾ به پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم سان هڪ جان گهوريندڙ سپاهيءَ جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. ڪيترا ڀيرا کين جهنڊي کڻڻ جي ذميداري به ملي. پاڻ هڪ وڏو سخي شخص به هو. جڏهن بني نضير قبيلي جو گهيرو ڪيو ويو ته هن گهيري ۾ ڦاٿلن لاءِ پنهنجي خرچ سان کارڪون خريد ڪري کين پهچايون. اهڙيءَ طرح بني قرنظيه جو گهيرو ڪندڙ فوجن کي پڻ رسد جو سامان پهچايو. پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم جن جي وصال ۽ حضرت صديق رضه'>ابوبڪر صديق رضه جي خليفي ٿيڻ کانپوءِ حضرت سعد بن عبادهرضه شام هليو ويو ۽ اتي سن 15 هجري/ 637ع ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو